Tuesday, September 4, 2007

هڪ نئين سفر جو جنون

دوستو !

سنڌ ويب جي پليٽ فارم تان اسان هڪ اهڙو سفر شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن جي منزل نه ڄاڻان ڪڏهن اچي، اچي به الاءِ نه، پر پنڌ اوش ڪرڻو آهي، ٽارگٽ تي نظر رکي هلندڙ، ڪڏهن نه ڪڏهن ان هنڌ تي ضرور پهچندا آهن، جيڪو هنڌ سندن منَ ۾ هوندو آهي. سو اسان به هڪ ننڊڙي قافلي سان سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ۽ اسان کي اهو فخر آهي ته اسان جي هن سفر ۾ اسان سان اسان جا اهي ساٿي شامل آهن، جن کي سنڌي ڪپيوٽنگ جا سرواڻَ چئي سگھجي ٿو، سڀ کان گھڻا ٿورا سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جا، جيڪي (سيٽل، امريڪا) کان جڏهن سنڌ آيا ته انهن سکر ۾ اسان دوستن سان لاڳيتيون ملاقاتون ڪيون ۽ اسان کي مختلف هدايتون ۽ ٽاسڪس ڏنا ۽ هي سنڌويب به ان ئي ٽاسڪ جو هڪ نتيجو آهي. ان کان علاوه سائين شاهنواز سومرو جا ٿورا به ..... جو اسان جپسي ۽ رولاڪ ماڻهن کي ڪمپيوٽر جي آڏو ويهاري، پاڻ سپروائيز ڪندا رهيا ته اسان ڏنل ڪم ڪري رهيا آهيون يانه، ۽ سائين جي ان محبتي دڙڪن اسان کي ڪمپيوٽر جي اهڙي ته هير وجھي ڇڏي جو اسان جي هي عادت هاڻ اسان جي گھر وارن لاءِ مصيبت بڻجي وئي آهي ڇوته ڪمپيوٽر آڏو ويهڻ کان پوءِ پنهنجي حالت فارسيءَ جي ان شعر جهڙي ٿي ويندي آهي ته

زمين جنبد ، نه جنبد ، گل محمد

(ڌرتي هِلي وڃي مگر گل محمد نه ٿو هِلي سگھجي)

ان کان پوءِ سائين امير گل جيڪي اتساه ڏياريندڙ انسان آهن، پاڻ ڀلي ڪجھه به نه ڪن مگر اسان سڀن کان ڪم وٺي ڄاڻن ( پر هاڻ پاڻَ به ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ لڳا آهن).

ڊاڪٽر ايوب شيخ اسان جو اهو سائي آهي جيڪو سنڌ کي ۽ اسان دوستن تي ائين نظر رکيو ويٺو آهي، ۽ پاڻ سنڌ ۽ اسان دوستن متعلق ايترو ته اپ ڊيٽ رهندو آهي جو هڪ ٻه تمام ضروري ۽ موسٽ پرسنل ڪم ڪندي به ته اسان ڪانشس رهندا آهيون ته متان صبحَ جو اي ميل ملي ته ڇا ڇا پئي ڪيوَ. ڊاڪٽر ۽ اسان جو ساٿ سنڌويب جي شروعات کان وٺي هلندو پيو اچي.

اسان جي اها به خواهش آهي ته اوهان هن سفر ۾ اسان سان ساٿ ڏيو.. سائين ماجد ڀرڳڙيءَ جي جوڙيل ٽيم ۾ اسان کي اڃان گھڻو ڪجھ ڪرڻو آهي ...

اميد ته اوهان وقت بوقت اسان کي پنهنجي قيمتي راءِ کان آگاهه ڪندا رهندؤ.

اوهان جي ساٿ جو طلبگار

حبيب ساجد

۽ سنڌويب ٽيم

سکر، سنڌ

اچو ته هڪ نئين سنڌ جو بنياد وجھون

سنڌي ساٿي!

هن وقت جڏهن سموريون ٻوليون ۽ قومون پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ ان کي دنيا ۾

ڦهلائڻ لاءِ وڏا وڏا قدم کڻي رهيون آهن ۽ انهن جون حڪومتون ان سلسلي ۾ وڏا وڏا

پروگرام ٺاهي رهيون آهن اتي اسان جي سنڌ حڪومت سنڌي ڪپيوٽنگ لاءِ ڇا ڪري

رهي آهي ؟ ان ڳالهه کي اگر وائکو ڪندا سين ته شرم وري به اسان کي ئي ايندو. سائين ماجد ڀرڳڙيءِ جيڪا جدوجهد سنڌ حڪومت جي بيوروڪريسيءَ کي سنڌي ٻولي ڊجيٽلائيز ڪرڻلاءِ رڳو آماده ڪرڻ لاءِ ڪئي آهي اوتري اگر ڪنهن ويسٽرن جو ڄاڻو ڪري ها ته هوند ان لاءِ سهولتن جا انيڪ دروازا کوليا وڃن ها ... پر اسان جي سنڌ حڪومت ( جيڪا سچ ته سنڌي وزيراعلا هوندي به اسان سنڌين جي آهي ئي ڪونه ) جي ڪن تي جونءَ به ڪونه چري سگهي آهي.

اها صورتحال ڏسندي اسان ڪجھ دوست ڊجيٽل سنڌ گروپ ان سپني سان شروع ڪري رهيا آهيون، ته اسان اهو سڀ ڪجهه اوهان لاءِ پيش ڪيون جنهن جي اوهان کي سنڌي ڪپيوٽنگ لاءِ ضرورت پوي... ان سلسلي ۾ اسان اهي سمورا سافٽ ويئر ۽ پروگرام سنڌويب جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيا آهن، جن جي ڪڏهن به اوهان کي گھرج پئجي سگھي ٿي.

سنڌويب ٽيم

www.sindhweb.com

نوٽ

دوستو ! هن بلاگ تي سنڌيءَ جي سهولت ايتري ڪونه آهي جو اسان سڌو سنئون سنڌيءَ ۾ لکي سگھون، ان ڪري اوهان کي گذارش آهي ته اڳ ۾ مائڪروسافٽ ورڊ ۾ لکي ان کي هتي پيسٽ ڪريو.

مهرباني